بڙ جو ڍورو

بڙ جو ڍورو: بڙ جو ڍورو ضلعي بدين ۾، بدين شهر کان ڏکڻ طرف 20 ميلن جي مفاصلي تي آهي. هيءُ درياهه جو پراڻو ڍورو هو، جنهن جي ڪپ تي وڏو قديم بڙ جو وڻ هو، جنهنڪري اهو ڍورو ’بڙ واري ڍوري‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. چون ٿا ته هتي رمضان جت جي ڳوٺ ۾ ميان عظيم شاهه عرف ميون وڏل رهندڙ هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو قلمبند ڪيو، جيڪو ”گنج رسالي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. اهو ”گنج رسالو“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه طرفان شايع ڪيو ويو آهي .


لفظ بڙ جو ڍوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو